جي جيءَ کي جيارين

جي جيءَ کي جيارين

جي جيءَ کي جيارين

جي جيءَ کي جيارين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور ليکڪ آزاد قاضيءَ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو جي. ايم. سيد فائونڊيشن پاران ڇپجي شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد جي، 2007ع ۾ سڏايل سالگرهه جي موقعي تي ’مشاهير سنڌ‘ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪي جنوري 2010ع ۾ جي. ايم. سيد فـائـونـڊيــشــن جـي چـيئـرمئن سيد جلال محمود ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، هن ڪتاب ۾ مـختلـف ليکڪـن پاران ”سائين جي. ايم. سيد سان گڏ مومن مليرائي، شهيد قيوم منگي، محمد صديق پکيئڙي، ساڌو هيرانند، محمد سومار شيخ، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، حفيظ قريشي، محمد خان مجيدي، عبدالوهاب ڀيي، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر ٽلومل ڌيراواڻيءَ ۽ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ“ تي لکـيـل مضـمـون شـامـل آهـن، جيـڪـي غـلام ربانـي آگـري، علـي نواز ٻٽ، باري منگي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، آدم ٻٽ، ڊاڪٽر هدايت پريم، انور فگار هڪڙي،ڊاڪٽر نور افروز خواجه، حفيظ قريشي، ولي محمد سهرياڻي، يعقوب چانڊيي ۽ محمد ابراهيم جويي جا لکيل آهن، ڊيمي سائيز جي 224 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو